شاهه محمد

شاهه محمد: سنڌ جي ڪلهوڙن جي خاندان جو بنياد وجهندڙ ميان آدم شاهه ڪلهوڙو هو. انهيءَ دور ۾ ملتان جو گورنر شاهه محمد هو. عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ وقت لاڙڪاڻي ۾ ميان آدم شاهه وٽ دعا گهرڻ لاءِ لنگهي آيو هو، ان موقعي تي کٻڙ ابڙي وجهه وٺي خان خانان کي چانڊڪا پرڳڻي جي زمين ڏيارڻ لاءِ عرض ڪيو. سندس عرض قبول ڪيو ويو. ميان آدم شاهه جا مريد ان چانڊڪا پرڳڻي جي ڪري زور وٺندا ويا ۽ آسپاس جي زميندارن جون زمينون هٿ ڪندا ويا. آخرڪار زميندارن ملتان جي گورنر شاهه محمد وٽ دانهيو، جنهن آدم شاهه کي گرفتار ڪري پاڻ وٽ گهرائي نظربند ڪري رکيو ۽ بعد ۾ کيس شهيد ڪرايو. سندس مڙهه کي سندس مريد مستي بن زنده (جنده) جويي ۽ ٻين آڻي سکر ۾ ٽڪريءَ تي رکايو، جيڪا ٽڪري ‘آدم شاهه جي ٽڪري’ سڏجي ٿي.


لفظ شاهه محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو